Abdul Sattar Memon

  • Home
  • Abdul Sattar Memon

Abdul Sattar Memon Mr. He actively take part in extracurricular activities.

Abdul Sattar Memon, He is Graduated in Electrical Engineering Department from QUEST Nawabshah and also has been involved in the education sector since last four years.

Today visited Ghotki Public library along with staff members of the library.The study environment was quite better and c...
28/02/2022

Today visited Ghotki Public library along with staff members of the library.
The study environment was quite better and cool and the staff members were very cooperative with students.
The library is a double-story building with 8 air conditioners.
We citizens of District Naushahro Feroze demand from the sindh government to establish a library under the culture department.

گھوٽڪي ڏانھن روانگي🚌
25/02/2022

گھوٽڪي ڏانھن روانگي🚌

عورت، مرد ۽ محبتاعجاز منگيهڪ دوست پڇيو آ”محبت ڇا آهي؟ڇا مرد ۽ عورت جي محبت هڪ جهڙي آهي؟جيڪڏهن ان ۾ فرق آهي ته ڪهڙو؟“محبت...
17/02/2022

عورت، مرد ۽ محبت
اعجاز منگي
هڪ دوست پڇيو آ
”محبت ڇا آهي؟
ڇا مرد ۽ عورت جي محبت هڪ جهڙي آهي؟
جيڪڏهن ان ۾ فرق آهي ته ڪهڙو؟“
محبت هڪ معصوم گيت آهي.
محبت ٻاجهاري ٻولي آهي.
محبت هڪ اهڙي لولي آهي
جيڪا وڏي عمر وارا ٻار ٻڌي
سپنن جي سنسار ۾ سمائجي ويندا آهن.
محبت ڪو مسئلو ناهي
جنهن لاءِ مفڪرن کي سڏ ڪجي
جنهن لاءِ علم کي گڏ ڪجي!!!
حسن درس جو صفا سهڻو شعر آ
”عالمن کي عشق جي ڪهڙي خبر؟
ظالمن ڪا دل لڳي ڪئي ڪانه آ!“
محبت سمجهڻ جو سوال ناهي
محبت ڪرڻ جي ڪلا آهي
محبت سوچبي ناهي
محبت ته ڪبي آ
جيڪا سوچي ڪئي وڃي
اها محبت ئي ناهي
سوچي واپار ته ڪبو آ
سوچي پيار نه ڪبو آ
محبت دماغ جو ڌنڌو ناهي
محبت دل جي دنيا آهي
محبت تي مضمون لکي نه ٿو سگهجي
محبت ته گيت آهي
مضمون دماغ سان لکيو ويندو آهي
۽ گيت دل جي تخليق هوندو آهي
محبت لاءِ علم نه گهرجي
عشق لاءِ عقل نه گهرجي
”عالمن کي عشق جي ڪهڙي خبر؟“
عالمن کي ڪو پتو ناهي ته عشق ڇاهي؟
ان ڪري ئي اوشو چوندو هو
”جڏهن نينهن ڪيو ته نفسياتي ماهر وٽ نه وڃو“
اهو اوهان جي احساسن جي آپريشن ڪندو
اهو ته چوندو ”پيار پاگل پڻو آهي“
محبت مرض ناهي
محبت ته عرض آ
دل جي درخواست آ
قبول پوي ته ٺيڪ
قبول نه پوي ته وڌيڪ ٺيڪ
محبت ۾ مات ته آهي ئي نه
محبت ته هر حال ۾ جيت آ
محبت گيان ناهي، محبت گيت آ
۽ جيستائين عورت ۽ مرد جو سوال آهي
ته محبت جنس ناهي
محبت مذڪر ۽ مونث ناهي
محبت جنسياتي جهيڙو ناهي
محبت عاشق ۽ معشوق جو ميڙو آهي
ڪير به عاشق ٿي سگهي ٿو
۽ ڪير به معشوق ٿي سگهي ٿو
ڪڏهن ته مرد به عاشق ٿي ٿو سگهي
جڏهن ته عورت عشق جي امام آهي
اڪثر طور محبت ۾ مرد آغاز آهي
اڪثر طور عورت عشق ۾ انجام آهي
۽ اها به حقيقت آهي ته عورت لاءِ عشق ۾
عاشق ٿيڻ آسان آهي پر مرد لاءِ مشڪل آ
مرد معشوق ٿي سگهي ٿو
اهو هن جي لاءِ آسان آهي
مرد محبت ڪرڻ جي قابل ناهي
ابتدا ۾ گهڻو ڪري مرد ئي محبت ڪندو آ
اهو ئي محبت جو ڄار اڻيندو آهي
مرد لاءِ محبت ۾ عورت شڪار آهي
عورت لاءِ عشق ۾ مرد هڪ ٻار آهي
جيئن ٻار معصوم ڪوڙ ڳالهائيندو آهي
مرد به ائين ڪوڙا واعدا ڪندو آهي
مرد محبت ۾ ڄار وڇائيندو آهي
۽ اڪثر هو پنهنجي ڄار ۾ پاڻ کي ڦاسائيندو آهي
مرد لاءِ محبت جنسي تسڪين جو سامان آهي
عورت لاءِ عشق هڪ رات جو مهمان آهي
”نينهن آيو! مينهن وانگر هاءِ هاءِ
پيو ٽڙي دل جو گلستان اي اديون
ڇا چوان آ ڪير مهمان اي اديون
چنڊ آ مون سان اڱڻ ۾ اي اديون“
محبت ۾
مرد مهمان آهي
محبت ۾
عورت ميزبان آهي
پر محبت ۾ ڪڏهن مهمان ميزبان
۽ ڪڏهن ميزبان مهمان ٿي ٿي ويندو آهي
پر اهو ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي
جيئن انگريزيءَ ۾ چوندا آهن
Once in a Blue Moon
محبت جو چنڊ ڪڏهن ڪڏهن نيرو ٿي نڪرندو آهي
نينهن نيرو چنڊ آهي
جنهن تي به کڙي
جنهن به موسم ۾ مڙي
سردين جي چنڊ جو الڳ حسن آهي
۽ گرمين جي چنڊ جي الڳ سونهن آهي
”ٻڌيءَ تٿ نه اچ
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا“
محبت ڪا تاريخ ناهي
محبت ڪا ڊيٽ ناهي!
محبت الفت آهي
اها ڪڏهن به اچي سگهي ٿي
محبت ڪڪري آهي
اها ڪڏهن به وسي سگهي ٿي
محبت ته اهڙو مينهن آهي
جنهن ۾ ڇٽي اڇلائي ڇڏبي آهي
۽ اها ڇٽي پنهنجي رئي وانگر
عورت ئي اڇلائيندي آهي
مرد پيار ۾ پڳ نه لاهيندو آهي
مرد مٿي سان ۽ عورت من سان
محبت ڪندي آهي
عورت ۽ مرد جي محبت ۾ انتر آهي
مرد محبت وٺندو آهي
عورت محبت ڏيندي آهي
۽ محبت وٺڻ نه پر ڏيڻ آهي
پر محبت ڪو حساب ناهي
محبت ڪو ڪتاب ناهي
محبت علم ناهي
ان ڪري ئي ته ڪبير چيو هو
”اڊاهي اکشر پريم ڪي......“
محبت اڍائي اکرن جي ڇند وديا آهي
۽ جنهن جي من ۾ لهي ويا
اهي اڍائي اکر
اهو ئي پيار جو پيغمر آهي
مرد مذهبن جا مرسل ٿيا آهن
عورت پيار جي پيغمبر آ
عشق عورت ڪري ڄاڻي
مرد کي ڇا معلوم ته محبت ڇاهي؟
مرد لاءِ محبت جنسي بک آهي
عورت لاءِ محبت من جي ڇڪ آهي
مرد لاءِ محبت هڪ رات آهي
عورت لاءِ محبت ڪائنات آهي
جتي مرد جي محبت کٽندي آهي
اتان عورت جي محبت ڦٽندي آهي
مرد لاءِ محبت مذاق آهي
عورت ته عشق جي عشاق آهي
مرد جي لاءِ محبت ابتدا آهي
عورت لاءِ عشق انتها آهي!!!
عورت ته سدائين عشق ڪندي آهي
مرد ته محبت به نه ٿو ڪري سگهي!!

سنڌي ادبي سنگت شاخ موري پاران منعقد ڪيل سائين رسول بخش گچيرائي جي ڪتاب گچيرو (شھر، شخصيتون، ثقافت ۽ ادارا) جي مھورتي تقر...
13/02/2022

سنڌي ادبي سنگت شاخ موري پاران منعقد ڪيل سائين رسول بخش گچيرائي جي ڪتاب گچيرو (شھر، شخصيتون، ثقافت ۽ ادارا) جي مھورتي تقريب ۾ دوستن سميت شرڪت ڪئي.
سائين خالد ساحل ڪيريو جا لک قرب جن محبت منجھان پروگرام جي ڪوٺ ڏني🙏

12/02/2022

سنڌ سميت پوري دنيا جي صورتحال کي ڏسندي آئون پوري اطمينان سان چوان ٿو ته اسان جي سمورن مسئلن جو حل لطيف سرڪار وٽ آھي. سو ھن وقت سنڌ جي سمورين سياسي سماجي قيادتن کي نماڻي وينتي آھي ته لطيف جي پيغام کي ترت جھر جھنگ تائين پڄايو ان کانسواءِ اسان وٽ ٻي ڪا به واھر ناھي.
مھرباني

Today attended Valima Reception of brother of Abdul Latif Shar at pakaa Chaang along with dear friends Tahir Hussain and...
12/02/2022

Today attended Valima Reception of brother of Abdul Latif Shar at pakaa Chaang along with dear friends Tahir Hussain and Faryiad Ali Memon.
Thank you so much for ur hospitality❤️🙏

12/02/2022

پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ انساني قتل اسپتالن ۾,
نفسياتي قتل تعليمي ادارن ۾,
معاشي قتل ايوانن ۾, ۽ انصاف جو قتل عدالتن ۾ ٿيندو آھي.

ھڪ ڏاھي ماڻھو سان گفتگو سو ڪتاب پڙھڻ جي برابر آھي. اھڙي ئي طرح منھنجو روحاني استاد، رھنمائي ڪندڙ ۽ ڀائرن جيان قرب ڏيندڙ ...
09/02/2022

ھڪ ڏاھي ماڻھو سان گفتگو سو ڪتاب پڙھڻ جي برابر آھي. اھڙي ئي طرح منھنجو روحاني استاد، رھنمائي ڪندڙ ۽ ڀائرن جيان قرب ڏيندڙ سائين دلشاد احمد چنه به ھڪ آھي. مان جڏھن به ڪنڊيارو ويندو آھيان سائين سان ضرور روح رھاڻ ڪندو آھيان جنھن ۾ مونکي گھڻو ڪجھ سکڻ وٽان ملندو آھي ۽ ايئن محسوس ٿيندو آھي ته ڪيترن ئي ڏينھنَ جي ٿڪاوٽ ختم ٿي وئي ھجي.
سائين ڪنڊيارو شھر جو ھڪ غيرمعمولي استادن منجھان آھي ھڪ آھي جنھن جا شاگرد پاڪستان جي اعلا معياري ادارن ۾ نوڪري ڪن پيا ۽ ڪيترائي شاگرد سٺن ادارن ۾ زيرِ تعليم آھن.

After last paper of LLB final year get together party was arranged at Pizza Max in the honor of young future lawyers.
09/02/2022

After last paper of LLB final year get together party was arranged at Pizza Max in the honor of young future lawyers.

LLB✅
08/02/2022

LLB✅

11/01/2022

نوشھروفيروز
Muzaffar Abbasi
GNN

*ايتري بجيٽ ھوندي آخر شھر جي ھڪ لائبريري ڪنھن کان ڇو نٿي سنڀالجي*

ضلعي ھيڊڪوارٽر نوشھروفيروز جي واحد شاگردن لاء ٺھيل لائبريري سھولتن نه ھجڻ جي ڪري تباھ ڇت مان مينھن جو پاڻي وھڻ جي ڪري فارسيلنگ ڇت ڪرڻ جي ڪري شاگرد اچڻ کان انڪاري ويھڻ لاء ڪرسيون ناھن روشني لاء بلب ناھن اسپيشل سبجيڪٽن جا ڪتاب اڻپور صرف ڪھاڻين ثقافتي ڪالم نگارن جا ڪتاب پيل چار يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي ھوندي ان ھن جي پڙھائي لاء ۽ ڪي ب ڪتاب موجود ناھن انتظاميان جي بي حسي ھڪ رپيو ب فنڊ موجود ناھن.

Address


Telephone

03313968704

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Abdul Sattar Memon posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Abdul Sattar Memon:

  • Want your business to be the top-listed Contractor?

Share